رياض-25 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب ۾ سياحت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جو انگ 09 لک کان وڌي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ملڪ ۾ سياحت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جو تعدا 09 لک 66 هزار کان وڌي ويو آهي جن ۾ سعودي شهرين جو انگ 25 اسيڪڙو آهي. انگن اکرن واري اداري موجب سال 2023 جي چوٿين ٽه ماهي جي ڀيٽ ۾ گذريل سال دوران سياحت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ 04 سيڪڙو جو اضافو ريڪارڊ ٿيو . سال 2023ع ۾ ان شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جو تعداد 09 لک 29 هزار هو جيڪو چوٿين ٽه ماهي ۾ وڌي 09 لک 66 هزار کان وڌي ويو . سياحت جي شعبي ۾ سعودي شهرين جو تعداد پڻ هن وقت 2 لک 42 هزار تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته پرڏيهين جو تعداد 07 لک 24 هزار آهي جيڪو 75 سيڪڙو جي ويجهو آهي. انگن اکرن موجب سياحتي شعبي ۾ مردن جو تعداد 08 لک 37 هزار جڏهن ته عورتن جو تعداد 1 لک 28 هزار کان وڌيڪ آهي.