پيرس-25 اپريل (اي پي پي) فرانس جي اولهندي شهر نانٽيس ۾ نجي اسڪول ۾ هڪ شاگرد چاقو سان حملو ڪري ساٿي شاگرد کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته حملي ۾03 شاگرد زخمي پڻ ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب نانٽيس جي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اولهندي شهر نانٽيس ۾ نوٽري ڊيم ڊي ٽوٽس – ايڊيز گرامر اسڪول ۾ شاگرد ساٿي شاگردن تي چاقو سان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شاگرد مارجي ويو ۽ 3 زخمي ٿي پيا. جن مان هڪ شاگرد جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس موقعي تي پهچي وئي ۽ فرانس جي حملو ڪندڙ نوجوان شاگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي، حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ ظاهرنه ڪئي وئي آهي پر هن ايڊولف هٽلر سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو، نوجوان کي نفسياتي معائني کانپوءِ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.