بينڪاڪ-25 اپريل (اي پي پي ) ٿائيليند ۾ پوليس جو جهاز ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ٿائيلينڊ پوليس پنهنجي سوشل ميڊيا پيج تي چيو آهي ته پوليس ايوي ايشن ڊويزن جو جهاز پيراشوٽ جي تربيت لاءِ آزمائشي اڏام دوران سمنڊ ۾ ڪرڻ سبب تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار سمورا 6 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته حادثي جي سبب جي جاچ جاري آهي .