اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڻي 24 ڪروڙ پاڪستانين جي لائيف لائين آهي، ڀارت سنڌ طاس معاهدو هڪطرفي طور تي ختم نه ٿو ڪري سگهي، ڪنهن به پاڪستان کي ميري اک سان ڏٺو ته جواب ماضي جهڙو هوندو، پاڪستان ڀارت سان هر قسم جو واپار معطل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ٽئين ملڪ جي ذريعي ٿيندڙ واپار پڻ شامل آهي، واهگه بارڊر کي فوري طور تي بند ڪيو ويو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر اسحاق ڊار ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدو هڪطرفو ختم ڪرڻ جي اعلان تي شديد ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اهو معاملو هڪ اهم ۽ متفقه عالمي دستاويز آهي، جنهن کي ڪنهن هڪ ڌر پاران ختم نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته معاهدي ۾ واضح لکيل آهي ته ان جو خاتمو رڳو اتفاق راءِ سان ممڪن آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڻي پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي ”لائيف لائين“ آهي، ۽ اهو معاملو قومي سلامتي سان واڳيل آهي. هن خبردار ڪيو ته ايندڙ وقت ۾ جنگيون پاڻي جي مسئلي تي ٿي سگهن ٿيون، ان جي لاءِ پاڪستان ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي نرمي اختيار نه ڪندو. هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي گذريل ڏينهن اهم فيصلا ڪيا آهن ۽ حڪومت سياسي قيادت سان مڪمل هم آهنگي ۾ آهي. اسان سياسي فيصلا ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻي سڀئي هڪ پيج تي آهن. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته سفارتي سطح تي پڻ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. گذريل ڏينهن غيرملڪي سفيرن کي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي ۽ اڄ به سفارتي سطح تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويندو. نائب وزيراعظم واضح لفظن ۾ چيو ته پاڪستان ڀارت جي مقابلي ۾ ٻه قدم وڌيڪ کنيا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن پاڪستان کي ميري اک سان ڏٺو ته اهڙو ئي جواب ڏنو ويندو جهڙو ماضي ۾ ڏنو ويو هو بلڪه هن ڀيري اڳ کان وڌيڪ سخت ۽ مضبوط جواب ڏنو ويندو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته هو سمورين سياسي پارٽين جا ٿورائتا آهن جن ڀارت جي تازي جارحيت جو متحد ٿي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. اسان سياسي فيصلا ڪري ڇڏيا آهن، اسان سياسي طور تي سڀئي هڪ پيج تي آهيون، اپوزيشن ليڊر جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته قومي يڪجهتي ئي پاڪستان جي اصل طاقت آهي ۽ سياسي قيادت هڪ زبان ٿي دشمن کي واضح پيغام ڏنو آهي ته ملڪ جي دفاع تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته ڦلگام واقعي کانپوءِ اسان انتظار ڪري رهيا هئاسين ته اڳتي ڪهڙي ڳالهه هلندي، انهن پاڪستان جو سڌوسنئون نالو ناهي ورتو، ڪي به ثبوت نه آهن ته پاڪستان کي ان واقعي سان لنڪ ڪيو وڃي. اسحاق ڊار چيو ته سنڌ طاس معاهدو هڪطرفو معطل نه ٿو ڪري سگهجي، معاهدي ۾ لکيل آهي ته ان کي ختم ڪرڻو آهي ته اتفاق راءِ سان ٿيندو. پرڏيهي وزير چيو ته سارڪ ويزا تي موجود ڀارتي 48 ڪلاڪن ۾ پاڪستان مان نڪري وڃن. سندس چوڻ هو ته سفارتي سطح تي پڻ ڪوششون جاري آهن، 26 ملڪن کي ڪالهه بريفنگ ڏني ۽ حالتن کان آگاه ڪيو، ٻين کي اڄ بريفنگ ڏني ويندي، اڄ سعودي پرڏيهي وزير مون سان ڳالهائڻ چاهي ٿو جنهن سان اڄ شام 7 وڳي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته موجوده صورتحال جي ڏس ۾ سندس ڍاڪا جو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل هفتي ڪيل افغانستان جي دوري بابت ايوان کي ڪڏهن ڀيري دفعي آگاهه ڪندس پر اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته افغانستان ۾ بيهي افغان هم منصب امير خان متقي کي باور ڪرايو آهي ته نه پاڪستان جي سرزمين افغانستان جي خلاف استعمال ڪئي ويندي ۽ نه افغانستان جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيڻ گهرجي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج مڪمل طور تي تيار آهي، ڪنهن ميري اک سان ڏٺو ته جواب ماضي جهڙو ڏنو ويندو.