اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي گڏيل افهام تفهيم کانسواءِ ڪو نئون واهه نه ٺاهيو ويندو، جيستائين سمورن صوبن ۾ اتفاق راءِ نه ٿو ٿي وڃي وفاقي حڪومت ان حوالي سان اڳتي نه وڌندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. پڌرائي موجب وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سي سي آءِ جي گڏيل افهام تفهيم کانسواءِ ڪو نئون واهه نه ٺاهيو ويندو، جيستائين سمورن صوبن ۾ اتفاق راءِ نه ٿو ٿي وڃي وفاقي حڪومت ان حوالي سان اڳتي نه وڌندي. وفاق سمورين صوبائي حڪومتن کي سڄي پاڪستان ۾ زرعي پاليسي ۽ پاڻي جي انتظام جي بنيادي ڍانچي جي ترقي جي لاءِ هڪ ڊگهي مدي وارو متفقه روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي لاءِ شامل ڪري رهيو آهي. سمورن صوبن جي پاڻي جا حق پاڻي ورڇ جي معاهدي 1991ع ۽ واٽر پاليسي 2018ع ۾ لکيل آهن جن تي سمورين ڌرين جو اتفاق راءِ آهي. سمورن صوبن جي خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي خوراڪ ۽ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي جنهن ۾ وفاق ۽ سمورن صوبن جي نمائندگي هوندي. ڪميٽي ٻن متفقه دستاويزن موجب پاڪستان جي ڊگهي مدي واري زرعي ضرورتن ۽ سمورن صوبن جي پاڻي جي استعمال جا حل تجويز ڪندي. پاڻي جو شمار اهم ترين وسيلن ۾ ٿئي ٿو، 1973ع جي آئين ۾ به پاڻي جي اهميت کي تسليم ڪيو ويو آهي، انهي آئين تحت پاڻي وسيلن جي سمورن تڪرارن کي اتفاق راءِ سان حل ڪرڻ ۽ ڪنهن به صوبي جي خدشن کي سمورين ڌرين جي وچ ۾ اتفاق راءِ سان حل ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 2 مئي 2025ع تي گهرايو ويندو جنهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا نمائندا وفاقي حڪومت جي پاليسي جي توثيق ڪندا ۽ اهڙي ڪنهن به تجويز تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل اداري کي واپس موڪلي ويندي.