اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ 9 لک فوج جي موجودگيءَ ۾ ان قسم جو واقعو ٿيڻ ملي ڀڳت، واقعو سياسي فائدا حاصل ڪرڻ يا ڪنهن بهاني سان پاڪستان کي هدف بنائڻ جي امڪاني ڪوشش آهي، بي ايل اي ۽ افغانستان مان جيڪو ٿي رهيو آهي ان ۾ فٽ ۽ فنگر پرنٽس هندستان جا نظر اچي رهيا آهن، سياسي رياست طور هندستان آمريڪا ۽ ڪئنيڊا ۾ دهشتگرديءَ کي ايڪسپورٽ ڪري رهيو آهي، ٻنهي ملڪن ان تي احتجاج ڪيو، ايستائين جو ڪئنيڊا ان سان سفارتي لاڳاپن کي خطري ۾ وِجهي ڇڏيو. ڪالهه پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر ۾ نائب وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته عالمي برادري کي ڀارت ۾ ٿيل واقعن ۽ انهن جي الزامن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. دنيا جي تاريخ ۾ مودي اڪيلو حڪمران آهي جنهن تي آمريڪا ويزا تي پابندي لاڳو ڪئي ۽ وزيراعليٰ طور 2200 مسلمانن جو قتل عام ڪيو هو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 9 لک فوج جي موجودگيءَ ۾ ان قسم جو واقعو ٿيڻ ان امڪانن تي به غور ڪرڻ گهرجي ته ڪٿي اها ملي ڀڳت ته ناهي ته ان قسم جو واقعو ته ناهي جنهن سان سياسي فائدو حاصل ڪرڻ چاهيندو هجي يا ڪنهن حيلي بهاني سان پاڪستان کي هدف بنائڻ چاهيندو هجي. هن چيو ته اسان دنيا جي هر ڪنڊ ۾ دهشتگرديءَ جي هر شڪل جي مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان اڪيلو ملڪ آهي جيڪو دهشتگرديءَ جو سڀ کان وڌيڪ نشانو بنيو آهي. هن چيو ته بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي جا اسپانسرڊ ۽ قيادت هندستان ۾ ويٺا آهن ۽ هو پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ کي اسپانسرڊ ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته بي ايل اي ۽ افغانستان مان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان ۾ فٽ پرنٽس ۽ فنگر پرنٽس هندستان جا نظر اچن ٿا. هن چيو ته هڪ رياست جي حيثيت سان هندستان دهشتگرديءَ کي آمريڪا ۽ ڪئنيڊا ۾ ايڪسپورٽ ڪيو، ٻنهي ملڪن ان تي احتجاج ڪيو، ايستائين جو ڪئنيڊا ساڻس سفارتي لاڳاپن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح آمريڪا ۾ پڻ ٿيو. هن چيو ته هندستان جيڪڏهن ڪو قدم کڻي ٿو ته پوءِ ڀرپور جواب ڏينداسين. هندستان سميت عالمي برادريءَ کي ڪو شڪ نه هئڻ گهرجي، اسان پنهنجي بچاءُ جو پورو حق رکون ٿا. هن چيو ته پاڪستان وٽ سڀ کان وڏو ۽ زندهه گواهه ڪلڀوشن ياديو ويٺو آهي جنهن جي آزاديءَ لاءِ انصاف واري عالمي عدالت ۾ هندستان ڪوششون ڪري رهيو آهي. هڪ ڪميشنڊ آفيسر پاڪستان جي حراست ۾ آهي. هن چيو ته گذريل 20 ۽ 30 سالن ۾ پاڪستان ۾ ٿيل دهشتگرديءَ ۾ سنجيده شاهديون ملن ٿيون ته هندستان پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي سرگرمين ۾ ملوث آهي. هن چيو ته هندستان جي پراڪيسسز اسان خلاف اسان خلاف هڪ جنگ ڊڪليئر ڪئي آهي. هڪ گهٽ شدت جي دهشتگرديءَ جي جنگ هندستان اسان خلاف وڙهي رهيو آهي جيڪڏهن ان ۾ واڌ ٿي ته پاڪستان ان لاءِ به تيار آهي، ڪنهن کي به ڪو شڪ نه هئڻ گهرجي، پنهنجي ملڪ ۽ سرزمين جي حفاظت لاءِ هر قسم جي دٻاءَ ۾ اچڻ وارا ناهيون. پلوامه واقعي کانپوءِ اسان جيڪو جواب ڏنو اهو دنيا ۾ اڃا تائين مثال آهي. اسان جي پاڪ فوج ۽ 24 ڪروڙ عوام پاڪستان جي انچ انچ جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻين ٿا. هن چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان جيڪا پروپيگنڊا هلي رهي آهي جيڪڏهن ان ڪا ٻي شڪل اختيار ڪئي ته پاڪستان جي وحدت بلڪل سامهون ايندي ۽ هندستان کي به خبر پئجي ويندي ته اسان ڪهڙيءَ طرح جواب ڏئي سگهون ٿا.