رياض-24 اپريل (اي پي پي ) ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب قصرالسلام ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ.ان کان اڳ اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله دوم سرڪاري دوري تي جده پهتو، جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽر نيشنل ايئرپورٽ تي سندس استقبال مڪي شريف جي نائب گورنر شهزاده سعود بن مشعل بن عبدالعزيز ڪيو .استقبال ڪندڙن ۾ جده جي ميئرصالح بن علي ال ترڪي ، مڪي شريف جي پوليس جي اڳواڻ جنرل صالح الجابري ، اردن ۾ وقتي سعودي سفير محمد بن حسن منس ۽ جده ۾ اردن جو قونصل جنرل محمد صالح صبحي به موجود هيو .