رياض-24 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي قومي فضائي ڪمپني السعوديه فرانس جي جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني ايئربس کان وڌيڪ 20 جهاز خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي .پرڏيهي ميڊيا موجب وائيڊ باڊي جي جديد ترين اي 330 اين اي او جهازن مان 10 جهاز بجٽ ايئرلائن فلائي اي ڊيل لاءِ هوندا. جهازن جي خريداري جي معاهدي تي صحيحيون فرانس جي شهر ٽولوس ۾ ايئر بس جي فيڪٽري ۾ ڪيون ويون. ان موقعي تي سعوديه گروپ جي ڊائريڪٽر جنرل انجنيئر ابراهيم العمر ۽ ايئر بس ڪمپني جي سي اي او ڪرسٽين شيرر به موجود هو. بيان ۾ چيو ويو ته جهازن جو پهريون ٻيڙو 2027ع ۾ جڏهن ته ٻيون 2029ع ۾ حوالي ڪيو ويندو .