قاهره -24 اپريل (اي پي پي ) مصر ۾ هڪ خاندان جا 4 ماڻهون سيلفي ٺاهيندي نيل درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا .پرڏيهي ميڊيا موجب مصر جي ڪمشزي بني سويف ۾ هڪ خاندان جا 4 ماڻهون جنھن ۾ 2 ڇوڪرا ۽ 2 ڇوڪريون شامل هيون، سيلفي ٺاهيندي نيل درياهه ۾ ٻڏي ويا. ريسڪيو فورسز 6 ڏينهن جي ڳولا کانپوءِ چئني جا لاش درياهه مان ڪڍيا، ان سانحي ۾ فوت ٿيل پنهنجي مائٽن جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ ڪمشنري جي ڳوٺ صالح فريد پهتا هئا جتي هو نيل درياهه جي سير لاءِ ويا، 15 سالن جي ريهام ممدوح سالم پنهنجي ٽن سئوٽن سان نيل درياهه جي ڪناري بيهي سيلفي ٺاهي رهي هئي ته اوچتو سندس پير ترڪڻ سبب درياهه ۾ ڪري پئي، ان سان گڏ ٻي ڇوڪريءَ به ڪري پئي جنهن کي بچائڻ لاءِ ٻن ماڻهن ڪوشش ڪئي پر اهي به لهرن جي نظر ٿي ويا . فوت ٿيلن ۾ 15 سال جو ريحام ، 15سال جي دعا ربيع ۽ محمد ربيع ۽ محمد ربيع سالم جڏهن ته انهن جو چوٿون سئوٽ 17 سالن جو محمود عيد سالم شامل آهي.