رياض-24 اپريل (اي پي پي ) سعودي امدادي ايجنسي شاهه سلمان مرڪز جي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالله الربيع تيونس جي صدر قيس سعيد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ انساني همدردي ۽ امدادي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . تيونس جي صدر سعودي عرب ۽ تيونس وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي ساراهيو. هن ڳنڍيل ٻارن جي عليحدگي جي سعودي پروگرام جي به تعريف ڪئي .شاهه سلمان مرڪز جي اڳواڻ تيونس جي صحت واري وزير ڊاڪٽر مصطفي فرجاني سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ انساني همدردي جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي . تيونس جي صحت واري وزير سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي مدد لاءِ سعودي ايجنسي ذريعي مملڪت جي انساني همدردي جي ڪوششن کي ساراهيو .