تهران-24 اپريل (اي پي پي) ايران اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا سان ماهرن جي سطح جون فني ڳالهيون 26 اپريل تائين ملتوي ڪيون ويون آهن. ايران جي خابرو اداري موجب پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته شروعاتي طور تي آمريڪا سان ماهرن جي سطح تي فني ڳالهيون عمان ۾ گذريل ڏينهن رٿيل هيون جڏهن ته ان کي 26 اپريل تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته هي فيصلو عمان جي تجويز ۽ ايراني ۽ آمريڪي وفدن جي گڏيل معاهدي تي ٻَڌل آهي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي 19 اپريل تي روم ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اڻ سڌيءَ ريت ايٽمي ڳالهين جي ٻئي دؤر کي تعميري قرار ڏنو.