اسلام آباد – 24 اپريل (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) حج 2025ع لاءِ پنھنجي اڏامن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو جنھن تحت اٽڪل 56،000 حج پانڌيئڙن کي 280 اڏامن ذريعي سعودي عرب پھچايو ويندو. پي آءِ اي جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته سرڪاري حج اسڪيم تحت 20 ھزار حج پانڌيئڙن جڏھن ته خانگي حج گروپ آپريٽرز تحت 36 ھزار حج پانڌيئڙا پي آءِ اي ذريعي سعودي عرب روانا ٿيندا، پري حج آپريشن 29 اپريل کان شروع ٿيندو ۽ پھرين جون تائين جاري رھندو جڏھن ته پوسٽ حج آپريشن 12 جون کان 10 جولاءِ تائين جاري رھندو. ان دوران اٽڪل 280 اڏامون ھلايون وينديون. ھن چيو ته روڊ ٽو مڪه سھولت ھن سال اسلام آباد ۽ ڪراچي ايئرپورٽن تي دستياب ھوندي جنھن سبب حج پانڌيئڙن کي سعودي عرب پھچڻ کان اڳ اميگريشن ۽ ڪسٽم جون ڪارروائيون اڪلائڻ ۾ آساني ٿيندي. پي آءِ اي حج پانڌيئڙن جي رھائش، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين سھولتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع انتظام ڪيا آھن. وڌيڪ تفصيلن لاءِ لاڳاپيل اختيارين کان رابطو ڪري سگھجي ٿو.