بيجنگ-24 اپريل (اي پي پي) چين خلابازن جي هڪ نئين ٽيم خلائي اسٽيشن تي موڪليندو. چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي (سي ايم ايس اي) موجب شينزو -20 مشن تي ٽن خلابازن جي هڪ ٽيم کي ملڪ جي آٽو ميٽڪ چيني تيانگونگ خلائي اسٽيشن تي پهچايو ويندو. ٽئي خلا باز شام جو 5 لڳي 17منٽن تي (جي ايم ٽي 0917) ملڪ جي اتر اولهه ريگستان ۾ واقعي جيو ڪوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان خلائي اسٽيشن لاءِ رواني ٿيندي، ان مشين جي قيادت 46 سالن جو خلاباز چن ڊونگ ڪري رهيو آهي، خلائي عملو تيانگونگ تي 6 مهينن لاءِ ڪم ڪندو ۽ طبيعيات ۽ لائف سائنس جي باري ۾ تجربا ڪندو جڏهن ته اسٽيشن تي حفاظتي اوزار لڳائيندو.