اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته روايتي سسٽمز کان اڳتي وڌي اسان کي هڪ منطقي، ڊيٽا تي ٻڌل طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي، اوريڪل جهڙن عالمي ٽيڪنالاجي ادارن سان حصيداري سان اسان هڪ موثر، شفاف ۽ صارف دوست نظام قائم ڪري سگهنداسين. پاور ڊويزن جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي موجب انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ ڊجيٽلائيزيشن ۽ آٽوميشن جي حوالي سان تعاون جي امڪانن جو جائزو وٺڻ لاءِ اوريڪل جي سينئر نمائندن سان ملاقات دوران ڪيو. اوريڪل جي وفد جي قيادت مائيڪ بيلرڊ، وائيس پريذيڊنٽ انڊسٽري اسٽريٽجي ڪئي. ملاقات ۾ توانائي جي شعبي جي جديد ڪاري ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ته جيئن آپريشنل ڪارڪردگي ۾ بهتري، شفافيت کي هٿي ڏيڻ ۽ صارفين کي بهتر خدمتون فراهم ڪري سگهجن. ان موقعي تي وفاقي وزير اويس لغاري انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي کي اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته اڄ دنيا ۾ آءِ ٽي جون صلاحيتون تيزي سان وڌي رهيون آهن، ڊجيٽلائيزيشن جو مقصد صرف سيڙپڪاري تي واپسي کي يقيني بڻائن ناهي پر شفافيت، احتساب ۾ بهتري آڻڻ ۽ ڊگهي مدي واري ڪارڪردگي کي هٿي ڏيڻ هجڻ گهرجي. اوريڪل جي وفد حڪومت پاڪستان جي ويزن جي آجيان ڪئي. اوريڪل طرفان سمارٽ ميٽرنگ، ڊيٽا اناليٽڪس جهڙي جديد حل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جيڪا نه رڳو نظام کي بهتر بڻائيندي پر صارفين کي به معياري خدمت فراهم ڪندي، مائيڪ بيلرڊ ٻڌايو ته اوريڪل جو برطانيه، ترڪيه ۽ جاپان جهڙن ملڪن ۾ غير ٽيڪنيڪي نقصانن جي حل ۾ ڪافي تجربو آهي ۽ پاڪستان اسان جي تجربي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. توانائي واري وزارت جديد، پائيدار ۽ صارف دوست توانائي جي شعبي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي حل ۽ عالمي حصيداري اختيار ڪرڻ کي پنهنجي اولين ترجيح قرار ڏنو آهي.