اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ اربع ڏينهن ٽريڪٽر مينيوفيڪچررز سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ قومي ٽريڪٽر پاليسي جي متن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب هارون اختر خان قومي ٽريڪٽر پاليسي کي هڪ شاندار ۽ ڏور رس نتيجا ڏيندڙ پاليسي قرار ڏنو، جيڪو وزيراعظم جي مقامي صنعت جي تحفظ جي ويزن جو حصو آهي. هن چيو ته ٽريڪٽر مينيوفيڪچررز ملڪي پيداواري عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ آبادگارن لاءِ سستا ٽريڪٽر مهيا ڪرڻ نهايت اهم آهي. هن ٽريڪٽر ساز ادارن کي هدايت ڪئي ته هو قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ عملي تجويزون پيش ڪن ته جيئن عام آبادگار به ان مان فائدو کڻي سگهي. هارون اختر چيو ته زراعت، روانگي واپار ۽ مينيوفيڪچرنگ هڪٻئي سان جڙيل شعبا آهن جن جي ترقي قومي معيشت جي بهتري لاءِ اڻٽر آهي. هن وڌيڪ چيو ته روانگي واپار ۾ اضافو ۽ معيشت کي مضبوط بڻائڻ وزيراعظم جو ويزن آهي. اجلاس ۾ ٽريڪٽر مينيوفيڪچررز طرفان ڏنل تجويزن جو غور سان جائزو ورتو ويندو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ هفتي انهي ايجنڊا تي ٻيهر اجلاس گهرايو ويندو ته جيئن پاليسي تي وڌيڪ اڳڀرائي ٿي سگهي. هن چيو ته ٽريڪٽر قرض اسڪيمون بيروزگار نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. ان موقعي تي ٽريڪٽر مينيوفيڪچررز جي ايس ٽي جي بلند شرح، وڌيڪ ريگوليٽري ڊيوٽي، وڏو مارڪ اپ ريٽ ۽ پاليسي جي تسلسل جي کوٽ جهڙا مسئلا اجاگر ڪيا. اجلاس جي پڄاڻي تي ٽريڪٽر مينيوفيڪچررز هارون اختر جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سندس ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو.