اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) اسپيشل سيڪريٽري سفير شفقت علي خان پاڪستان – روس ٻطرفي سياسي مشاورت جي ڇهين دور جي لاءِ روسي فيڊريشن جي نائب پرڏيهي وزير سفير اينڊري روڊينڪو سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي وسيع تر معاملن جو جائزو ورتو ۽ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.