گڏيل قومون _ 23 اپريل (اي پي پي ) گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت اداري (انروا ) چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ غذائي بحران مذمت جوڳو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه انروا جي ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني ايڪس تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چئي . هن چيو ته غزه نا اميدي جو مرڪز بڻجي چڪو آهي ، هتي غذائي کوٽ اسرائيل جي پيدا ڪيل آهي . تباهي جوڳي جنگ ۽ اسرائيلي گهيراءَ جي 18 مهينن بعد (2مارچ کان امدادي سامان جي غزه تائين رسائي روڪي وئي آهي ). گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته اٽڪل 24 لک آبادي تي ٻڌل غزه کي هڪ تباهي جوڳي انساني بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي . هتي عوام کي اجتماعي سزا ڏني وئي آهي . هن ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي ته زخمين ، مريضن ۽ بزرگن کي طبي سهولت ۽ علاج کان محروم رکيو پيو وڃي . هن انساني امداد کي سودي بازي طور ۽ جنگي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته انساني بنيادن تي امداد فوري بحال، قيدين کي آزاد ۽ جنگ بندي جو ٻيهر اعلان ڪيو.