رياض _ 23 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب ۾(فالڪنز اينڊ هنٽنگ باز جي شڪار بابت ايڪسپو نمائش رياض ۾ 2 آڪٽوبر کان شروع ٿيندي ۽ 9 ڏينهن تائين جاري رهندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو عالمي ايونٽ سڄي دنيا مان بازن جو شڪار ڪندڙ شوقينن کي گڏ ڪندو آهي . اها نمائش شڪار جي اهميت، ماحولياتي آگاهي کي هٿي ڏيڻ ۽ معاشي موقعي جي حوصلا افزائي ڪندڙن کي گڏ ڪندي آهي جيڪا سعودي عرب جي پنهنجي تاريخي ورثي سان لاڳاپن جو ثبوت آهي. ان نمائش ۾ روايت ۽ تهذيب کي گڏائي فالڪنري ۽ شڪار جي جديد عالمي طور تي طريقن، خصوصي ٽيڪنالاجي ۽ نيلامي کي نمايان ڪندي آهي. هر سال اها نمائش شرڪت ڪندڙ لاءِ گڏجي مختلف مشغلن ۾ شموليت سان گڏوگڏ سياحت لاءِ بهترين تجربي جو ذريعو بڻجندي آهي ڇو ته انهن موقعن تي شڪار ، ڪيمپنگ ۽ مملڪت جي لاثاني ماحول، مختلف ٻوٽن ۽ جنگلي جيوت جي ڳولا لاءِ نوان رستا کولڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو آهي .