اسلام آباد -22 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان آمريڪا سان وڏي پئماني تي معاشي رابطن کي هٿي وٺائڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ آمريڪي فرمز جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين. اهڙو اظهار هن عالمي مئگزين بلوم برگ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته آمريڪا سان معاشي ۽ واپاري رابطن کي هٿي وٺائڻ چاهيون ٿا ۽ ان حوالي سان تعميري انداز ۾ اڳتي وڌنداسين. جلد ئي هڪ سرڪاري وفد آمريڪا جو دورو ڪندو. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا کان ڪپهه ۽سويابين خريد ڪرڻ جو خواهشمند آهي. غير ٽيرف رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ تي ڳالهيون جاري آهن ته جيئن آمريڪي مصنوعات لاءِ پاڪستاني مارڪيٽن جا دروازا کلي سگهن. هن چيو ته آمريڪي مصنوعات تي پاڪستان ۾ ڪا به غيرضروري جاچ پڙتال يا رڪاوٽون آهن ته انهن جو جائزو وٺڻ لاءِ تيار آهيون، اسان پاڪستان ۾ آمريڪي فرمز جي سيڙپڪاري کي ڀليڪار ڪنداسين، خاص ڪري کاڻيون کوٽن ۽ معدنيات جي نون شعبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪنداسين. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي حڪومت معيشت کي پائيدار ترقي جي راهه تي آڻڻ لاءِ قدمن کڻي رهي آهي، ترقي جي سفر ۾ سرمايو حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي مالياتي مارڪيٽن سان رابطو ڪنداسين، ملڪ کي معاشي لاهن چارهن جي چڪر مان ڪڍڻ اسان جو نصب العين آهي، حڪومت پاڪستان کي مستحڪم ترقي جي سفر تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان عالمي ڪيپٽل مارڪيٽن مان فائدو کڻڻ لاءِ به قدم کڻي رهيو آهي. پاڪستان هلندڙ سال 200 کان وٺي 250 ملين ڊالرز ماليت جا پانڊا بانڊز جاري ڪندو.