اسلام آباد -22 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ۾ ڪرغزستان جي سفير آواز بيڪ اٽاخانوف سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفه واپار، اقتصادي تعاون ۽ علائقائي رابطن کي هٿي وٺائڻ تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ واپار واري وزارت جي سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير ڪرغز سفير جي آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ انهن ڀائراڻن لاڳاپن کي هڪ جامع اقتصادي شراڪتداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن ٻنهي ملڪن کي گڏيل فائدو پهچي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي رابطن جي شعبن م سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو. ڄام ڪمال خان سفير کي پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي صورتحال بابت آگاهه ڪيو، جنهن ۾ مهانگائي ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي، توانائي جي اگهن م گهٽتائي ۽ مٽاسٽا واري ناڻي جي مارڪيٽ ۾ استحڪام شامل آهي. ان موقعي تي ڪرغز سفير پاڪستان ۾ جاري سڌارن کي ساراهيو ۽ ٻڌايو ته ڪرغزستان مان هڪ وڏو واپاري وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. هن پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان خطي ۾ واپار کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ڪرغزستان علائقائي معاشي ترقي ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان سان سهڪار وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ڌرين مئي 2025ع ۾ ٿيندڙ پاڪ-ڪرغز گڏيل بين الحڪومتي ڪميشن جي پنجين اجلاس جي تياري تي به اتفاق ڪيو.