انقره – 22 – اپريل (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي دوري تي انقره پهچي ويو. انقره جي هوائي اڏي تي ترڪ دفاع واري وزير يشار گيولر، انقره جي ڊپٽي گورنر ظفر اورحان، پاڪستان ترڪيه ڪلچرل ايسوسيئيشن جي صدر برهان قاياترڪ، پاڪستان جي ترڪيه ۾ سفير يوسف جنيد، ترڪيه حڪومت جي اعليٰ عملدارن ۽ انقره …
ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي دوري تي انقره پهچي ويو

مزید خبریں
انقره – 22 – اپريل (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي دوري تي انقره پهچي ويو. انقره جي هوائي اڏي تي ترڪ دفاع واري وزير يشار گيولر، انقره جي ڊپٽي گورنر ظفر اورحان، پاڪستان ترڪيه ڪلچرل ايسوسيئيشن جي صدر برهان قاياترڪ، پاڪستان جي ترڪيه ۾ سفير يوسف جنيد، ترڪيه حڪومت جي اعليٰ عملدارن ۽ انقره ۾ مقرر پاڪستاني سفارتڪارن سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو. ٻئي اڳواڻ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل پريس ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪندا. پنهنجي قيام دوران وزيراعظم ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري وفدن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.











