رياض-22اپريل (اي پي پي) سعودي عرب ۾ چيني ٻُلي پڙهائيندڙ مڊل ۽ هاءِ اسڪولن جو انگ 174 تائين پهچي ويو آهي. 6 لک کان به وڌيڪ شاگرد چيني ٻولي سکي رهيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب تعليم واري وزارت جو چوڻ آهي ته 100 استادن کي چيني ٻولي جي تعليم لاءِ چين موڪليو ويو آهي جڏهن ته چين مان 171 استادن کي مملڪت جي اسڪولن مان چيني ٻولي پڙهائڻ لاءِ آندو ويو آهي . چيني ٻولي جو نصاب مملڪت ۽ چين جي ماهرن تيار ڪيو آهي.