والاريل بيت المقدس – 22 اپريل (اي پي پي ) اسرائيل جي ناڻي واري وزير بزاليل سموٽريچ اولهندي ڪناري ۾ 5 نيون يهودي وسنديون قائم ڪرڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن ” غوش عتصيون “ جي هڪ وسندي ۾ روڊ جي افتتاح جي موقعي تي چيو ته اسان اولهندي ڪناري جي ڊگهي ترين روڊ جو افتتاح ڪيو آهي جيڪو آبادڪاري کي معمول وارو بڻائڻ جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي . اسرائيل جي وزير چيو ته غوش عتصيون ۾ 3،600 رهائشي يونٽس جي منظوري ۽ 5 نيون يهودي وسنديون قائم ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم جاري آهي . ان موقعي تي ڪيترائي اسرائيلي پارليامينٽ جا ميمبر ۽ سياستدان موجود هئا .اهو اعلان اهڙي وقت تي سامهون آيو آهي جڏهن اسرائيلي حڪومت جا ڪيترائي وزير اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي خود مختياري لاڳو ڪرڻ ۽ آبادڪاري کي هٿي ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ ان کي پنهنجي ترجيحات ۾ پهريون نمبر قرار ڏئي رهيا آهن. سرڪاري انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسرائيلي آبادڪاري تعميراتي منصوبن جي منظوري ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي . 2025ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ 14،000 کان وڌيڪ نئين پلان جي منظوري ڏني وئي جيڪا گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ واضع اضافو آهي. اها ڳالهه ان جي عڪاسي ڪري ٿي ته اسرائيل اولهندي ڪناري ۾ آبادڪاري جو عمل تيزي سان اڳيان وڌائي رهيو آهي .