رياض-22 اپريل(اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان رياض ۾ مصر جي هم منصب ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي جي وزارت جي هيڊ ڪوارٽر ۾ آجيان ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن ، گڏيل سهڪار جو جائزو وٺڻ ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته ٻنهي وزيرن سياسي مشاورتي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي .اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفو سهڪار تيز ڪرڻ سميت ٻنهي ملڪن جي گڏيل معاملن تي هم آهنگي وڌائڻ جي طريقيڪارتي ڳالهيون ڪيون ويون. غزه سميت علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.