رياض-22 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب ۾ مقرر ايران جي سفير علي رضا عنايتي سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان بن عبدالعزيز جي هاڻوڪي ايران جي دوري کي اهم موڙ قرار ڏنو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته دفاع واري وزير جي آمد سان اسان هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ايران گذريل ٻن سالن ۾ ٺوس ۽ مثبت قدم کنيا آهن ۽ مستقبل جي حوالي سان پر اميد آهي. سفير موجب اسان خوش آهيون ۽ ان مفاهمت کي هٿي ڏئي رهيا آهيون.