اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپيس ٽيڪنالاجي، اسپيس سيٽلائيٽ ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ سيٽلائيٽ انٽرنيٽ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اسپيس ٽيڪنالاجي جي شعبي کي انتهائي اهميت ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چين سان تعلق رکندڙ اسپيس ٽيڪنالاجي ڪمپني ”گليڪسي اسپيس“ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيئرمين زومنگ جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسپيس ٽيڪنالاجي شعبي کي انتهائي اهميت ڏئي رهيو آهي. چين اسان جو انتهائي قابل اعتماد دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار آهي. وزيراعظم چيو ته چين سان اسپيس ٽيڪنالاجي، اسپيس سيٽلائيٽ ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن، سيٽلائيٽ انٽرنيٽ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. گليڪسي اسپيس جي وفد پاڪستان جي اسپيس ٽيڪنالاجي انڊسٽري ۾ سيڙپڪاري ۽ پاڪستاني اسپيس ٽيڪنالاجي جي ادارن ۽ نجي ٽيلي ڪام ڪمپنين سان گڏيل منصوبن جي حوالي سان گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت ۽ اسپارڪو جي عملدارن سان ملاقاتون انتهائي ڪارائتيون رهيون. وفد پاڪستان ۾ شاندار ميزباني تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا.