اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جا سفير آهن ۽ انهن جون پاڪستان جي لاءِ وڏيون خدمتون آهن، پاڪستان حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي خدمتن جي اعتراف ۾ تازو ئي هڪ وڏو پئڪيج ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي معاملن تي خصوصي اجلاس ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي سفير جو ڪردار ادا ڪن ٿا، سمنڊ پار پاڪستانين جون پاڪستان جي لاءِ وڏيون خدمتون آهن. وزيراعظم چيو ته تازو ئي منعقد ٿيندڙ اوورسيز پاڪستانيز ڪنوينشن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي، جيڪو حڪومتي پاليسين تي انهن جي اعتماد جو اظهار آهي، سمنڊ پار پاڪستانين جي سچي جذبن، وطن جي لاءِ محبت ۽ ايثار ۽ قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين سڄي دنيا ۾ محنت ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جي لاءِ نالو ڪمايو آهي، طب، تعليم، انجنيئرنگ ۽ ڪنسلٽينسي ۾ بطور پروفيشنل ڏينهن رات محنت ڪئي آهي ۽ حلال رزق ڪمايو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي خدمتن جي اعتراف ۾ تازو ئي هڪ وڏو پئڪيج ڏنو آهي، ٻاهرئين ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي ذريعي سڀ کان وڌيڪ سرمايو پاڪستان موڪليندڙ سمنڊ پار پاڪستانين کي انهن جي خدمتن جي ڏس ۾ سول ايوارڊ ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل ۽ انهن کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ پاڪستان ۾ انهن جي مهارت موجب سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. اجلاس کي سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ اعلان ڪيل سهولتن جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير، وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.