اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ 2 مختلف ڪاررواين دوران 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر ڏکڻ وزيرستان ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل ڪامياب آپريشن دوران خوارجي سرغنه کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو ۽ ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. صدر چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.