اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو آهي جنهن ۾ 6 دهشتگرد ماريا ويا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشنز ۾ سرغنه سميت 6 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پوري قوم دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.