اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ سندس هم منصب شيخ عبدالله بن زيد النهيان جي سربراهي ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ثقافتي تعاون ۽ قونصلر معاملن جي لاءِ گڏيل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل عرب امارات پاڪستان جوائنٽ بزنس ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت مفاهمتي يادداشت جي مٽاسٽا جي موقعي تي موجود هئا. انهن دستاويزن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي ماڻهن سان گڏوگڏ ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي.