اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي، ته حج جي موقعي تي ڀلي پار ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ مددگار ملڪ جا سفير آهن، سعودي عرب ۾ رهڻ دوران حاجين جي خدمت ۽ ملڪ جي نيڪ نامي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻيون پونديون. گذريل ڏينهن حاجي ڪيمپ اسلام آباد ۾ حج 2025ع جي مددگارن جي تربيتي سيشن جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته حج جي مددگارن جي تربيت انتهائي اهم معاملو اهي. حج پانڌيئڙن جي خدمت ڪيئن ڪرڻي اهي ان بابت توهان ڄاڻو ٿا، ان ۾ ڏکيائيون اچي سگهن ٿيون، اهو ئي سبب آهي جو توهان جي تربيت کي ضروري سمجهيو. هن چيو ته حج جي رڪنن جي ادائگي جي حوالي سان حاجين جي بهترين انداز ۾ معاونت ڪنداسين. هن چيو ته توهان جي چونڊ اين ٽي ايس ذريعي ٿي اهي ته جيئن ان ڪم لاءِ بهترين ماڻهن جي چونڊ ڪري سگهجي. توهان کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻي آهي ته الله پاڪ جي مهمانن جي خدمت توهان کي ڪرڻي آهي. جهڙي نيت هوندي آهي ان حساب سان اجر به ملندو آهي. مون کي اميد آهي ته حج معاون پنهنجون خدمتون بهترين طريقي سان سرانجام ڏيندا. مان مذهبي معاملن واري وزير طور پهرين به حج جي موقعي تي ڪو به پروٽوڪول نه ورتو هو ۽ هن ڀيري به ڪو به پروٽوڪول نه وٺندس.