اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پوپ فرانسس جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته پوپ فرانسس جي وفات جو ٻڌي کيس دلي افسوس ٿيو. هن پوپ جي بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقا جي عزم کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوپ فرانسس انسانيت، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام عام ڪيو. پوپ فرانسس جي وفات نه رڳو مسيحي برادري پر سڄي دنيا ۾ امن جون ڳالهيون ڪندڙن لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. پوپ فرانسس جي امن ۽ بين المذاهب ڳالهين جي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس خدمتن کي گهڻي وقت تائين ياد رکيو ويندو. پوپ فرانسس انسانيت، ڀائيچاري ۽ محبت جو به پيغام عام ڪيو. فلسطين معاملي تي سندس اصولي موقف کي اسلامي دنيا ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪيٿولڪ مسيحي برادري سان تعزيت جو اظهار به ڪيو.