اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جولاءِ 2024ع کان مارچ 2025ع تائين ٽيڪسٽائيل شعبي جي روانگي واپار ۾ 9.38 سيڪڙو اضافي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٽيڪسٽائيل شعبي جو روانگي واپار هن وقت 13.613 بلين ڊالر جي بلند ترين سطح تي آهي جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مارچ 2025ع ۾ ٽيڪسٽائيل شعبي جي روانگي واپار ۾ گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ 6.27 سيڪڙو اضافو پاڪستاني معيشت جي ترقي ۽ حڪومتي پاليسين جي صحيح رخ جو مظهر آهي. روانگي واپار ۾ لاڳيتو اضافو ۽ ٻيا مثبت معاشي انگ اکر پاڪستان حڪومت ۽ نجي شعبي جي تعاون ۽ اڻٿڪ محنت جي ڪري ممڪن ٿيا. ترقي جي سفر ۾ وڌيڪ تيزي جي لاءِ حڪومتي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي. اسان ملڪي روانگي واپار ۾ مستقل اضافي کي ممڪن بڻائڻ جي لاءِ نجي شعبي کي ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.