اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي ٽيم جي تحفظ تي مقرر پوليس اهلڪارن تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پوليو جي خاتمي جي مهم جي ڪارڪنن تي ۽ انهن جي تحفظ لاءِ مقرر اهلڪارن تي حملو ڪندڙ دهشتگرد انسانيت ۽ قوم جا دشمن آهن، پوليو جي خلاف مهم جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ ڪانسٽيبل جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي شهيد ڪانسٽيبل جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوليو جي خاتمي واري مهم جي ڪارڪنن تي ۽ انهن جي تحفظ تي مقرر اهلڪارن تي حملو ڪندڙ دهشتگرد انسانيت ۽ قوم جا دشمن آهن. معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ انسانيت جي دشمن دهشتگردن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. وزيراعظم عوام کي اپيل ڪئي ته انهن عنصرن جي دٻاءُ ۾ نه اچن. پوليو جي خلاف مهم جاري رکي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان ختم ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن.