اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رومن ڪيٿولڪ چرچ جي پيشوا پوپ فرانسس جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آنجهاني پوپ فرانسس بين المذاهب هم آهنگي، امن ۽ انسانيت جي فروغ جو علمبردار هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاپاءِ روم اربين انسانن کي سٺائي جي ترغيب، امن ۽ سلامتي جي لاءِ رهنمائي فراهم ڪندو رهيو. وزيراعظم چيو ته آنجهاني پوپ فرانسس بين المذاهب هم آهنگي، امن ۽ انسانيت جي فروغ جو علمبردار هو، سندس قيادت ۾ ڪيٿولڪ چرچ سڄي دنيا ۾ محبت، تحمل ۽ گڏيل احترام جي پيغام کي عام ڪيو، پوپ فرانسس جو طرزعمل نه رڳو مسيحي دنيا جي لاءِ، پر ٻين مذهبن جي پوئلڳن جي لاءِ مشعل راهه رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پوپ فرانسس جو گذريل ڏينهن ايسٽر جي موقعي تي غزه ۽ فلسطين ۾ فوري جنگبندي ۽ انساني حقن جي پائمالي روڪڻ جو بيان سندس پرامن ۽ انسانيت جي محبت سان ڀرپور شخصيت جي عڪاسي آهي. سندس خدمتون وڏي عرصي تائين ياد رکيون وينديون. پوپ فرانسس جو لاڏاڻو پوري دنيا خاص طور تي مسيحي برادري جي لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. وزيراعظم چيوته آئون پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ويٽي ڪن سٽي، عالمي مسيحي برادري ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي چاهيندڙن سان همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو.