عراق جي صدر پاران اردن جي فرمانروا شاھه عبدالله ثاني کي عرب ليگ جي سربراھي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت

عمان - 21 اپريل (اي پي پي)عراق جي صدر عبداللطيف رشيد اردن جي فرمانروا شاھه عبدالله ثاني کي بغداد ۾ 17 مئي تي ٿيندڙ عرب ليگ جي سربراھي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اردن جي فرمانروا سان عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي وزير فواد حسين عمان ۾ ملاقات ڪئي ۽ دعوت نامو حوالي ڪيو. اردن جي فرمانروا ملاقات ۾ هاڻوڪي علائقائي صورتحال جي پس …

عمان – 21 اپريل (اي پي پي)عراق جي صدر عبداللطيف رشيد اردن جي فرمانروا شاھه عبدالله ثاني کي بغداد ۾ 17 مئي تي ٿيندڙ عرب ليگ جي سربراھي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اردن جي فرمانروا سان عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي وزير فواد حسين عمان ۾ ملاقات ڪئي ۽ دعوت نامو حوالي ڪيو. اردن جي فرمانروا ملاقات ۾ هاڻوڪي علائقائي صورتحال جي پس منظر ۾ عرب يڪجھتي ۽ عرب مقصد جي حمايت لاءِ گڏيل ڪوششن جي اھميت کي اجاگر ڪيو. ھن عرب سربراھي اجلاس جي ڪاميابي لاءِ اردن جي خواھش جو به اظھار ڪيو. ملاقات ۾ اردن جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي وزير ايمن الصفدي به موجود ھو. ان کان اڳ ايمن الصفدي اردن پھچڻ تي عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي وزير جي آجيان ڪئي. اردن ۽ عراق جي وزيرن ٻنھي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ خطي جي تازي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنھي وزيرن عرب دنيا جي درپيش چئلينجز کي منھن ڏيڻ، علائقائي استحڪام ۽ ترقي کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن کي سگھه ڏيڻ ۽ سھڪار کي مضبوط بڻائڻ جي اھميت تي به زور ڀريو.

مزید خبریں