بيجنگ _ 21 اپريل (اي پي پي ) آذربائيجان جو صدر الهام عليوف 22 اپريل کان چين جو 3 ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان سومر ڏينهن ٻڌايو ته چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي آذريبائيجان جو صدر الهام 22 اپريل کان 24 اپريل تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو.