اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي سعودي عرب جي
سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي
معاملن ۽ ٻطرفن ناتن جي ترقي توڙي گڏيل سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان خيالن
جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آچر ڏينهن هتي جاري هڪ بيان موجب ڊپلوميٽڪ
انڪليو سعودي سفارتخاني آمد تي سعودي سفير گهرو وزير محسن نقوي جي
آجيان ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي معاشي ۽ سماجي شعبن ۾ پاڪستان جو
ڀرپور ساٿ ڏيڻ تي سعودي حڪومت ۽ سفير جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته پاڪ،
گلف تعاون ڪائونسل منشيات جي روڪٿام واري ڪانفرنس ۾ سعودي عرب جي
اعليٰ سطحي وفد جي شرڪت تي ٿورائتا آهيون، منشيات ۽ انساني اسمگلنگ
جي روڪٿام جي لاءِ سعودي عرب سان سهڪار وڌائڻ چاهيون ٿا. محسن نقوي
چيو ته فقيرن ۽ غير قانوني اميگريشن روڪڻ جي لاءِ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ
جي لاءِ نوان شرط لاڳو ڪيا پيا وڃن. فقير مافيا خلاف گهيرو سوڙهو ڪيو ويو
آهي. هن چيو ته سعودي شهرين جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي ڪو ويزا ناهي جڏهن
چاهين اچن. گهرو وزير محسن نقوي منشيات ڪيس ۾ ملوث بيگناهه ڪٽنب جي
آزادي جي لاءِ ڀرپور سهڪار تي به سعودي حڪومت ۽ سفير جو شڪريو ادا
ڪيو. محسن نقوي چيو ته بيگناهه ڪٽنب جي آزادي ۽ وطن واپسي جي لاءِ
سعودي عرب تمام گهڻو ساٿ ڏنو. سعودي حڪومت جي سهڪار سان ئي
ڪٽنب جا پنج ڀاتي آزاد ٿي گهر پهتا. سعودي سفير چيو ته پاڪستان سان انتهائي
ويجها ناتا آهن جن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا.