لاهور-19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول آهي، جديد ٽيڪنالاجي سان معاشي
بهتري ۽ روزگار جا وڌيڪ موقعا حاصل ٿي سگهن ٿا، دوست ملڪن کي کاڻين
سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان
۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ بي پناهه ٽئلينٽ موجود
آهي، پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن آهي. اهڙو اظهار هن
ڇنڇر ڏينهن هتي ايڪسپو سينٽر ۾ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ منرلز شو جي تقريب کي
خطاب ڪندي ڪيو. واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پيٽروليم وارو
وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، واپاري برادري، پرڏيهي نمائندا، واپاري ۽
اقتصادي ماهرن سميت ٻيا به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز
شريف چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، حڪومت
ڏيهي توڙي پرڏيهي سيڙپڪارن کي سموريون امڪاني سهولتون فراهم ڪرڻ
لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي
ذهانت (آءِ اي) جي ميدان ۾ بي پناهه ٽئلينٽ موجود آهي، جديد ٽيڪنالاجي سان
معيشت ۾ بهتري ۽ روزگار جا وڌيڪ موقعا حاصل ٿي سگهن ٿا، پاڪستان ۾
سيڙپڪاري خاص طور تي معدنيات جي شعبن ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ
سمورن ڄاڻايل ملڪن کي دعوت ڏين ٿا، ڪوئلي جي کاڻين ۽ معدنيات جي شعبي
۾ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي. وزيراعظم چيو ته
پاڪستان جي آبادي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان جا
نوجوان ذهين، قابل ۽ بي پناهه صلاحيتن جا مالڪ آهن، نوجوانن پاڻ کي جديد
ٽيڪنڪ ۽ پيشيوراڻي تربيت سان آراسته ڪري رهيا آهن، هن چيو ته موجوده
حڪومت جي ڏينهن رات محنت ۽ مثبت پاليسين جي ڪري پاڪستاني روانگي
واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اسان ان پروڊڪشنز مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري
ورتو آهي جيڪي مصنوعات اسان کي پرڏيهي ملڪن کان گهرائڻي پوندي هئي،
کاڻين جي کوٽائي ۽ ٻي معدنيات ۾ پاڪستان مالا مال آهي، اسان کي جدت، تحقيق
۽ ترقي طرف وڃڻو آهي ۽ حاضر دور جي جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل
ڪري پاڪستان انهن شعبن ۾ پنهنجا گهربل هدف آساني سان حاصل ڪري
سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽجي سنگل ڊجٽ
تي اچي وئي آهي، پاليسي ريٽ ساڍا 22 سيڪڙو کان گهٽجي 12 سيڪڙو تي
اچي ويو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ روزاني جي بنياد تي ڪاميابي جي بلندين کي
ڇهي رهي آهي، حڪومت تازو ئي بجلي جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي آهي،
جنهن جو مقصد هر صنعت جي پيداواري لاڳت ۽ بنيادي ضروري شين جي
قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي.
وزيراعظم چيو ته اسان گڏيل منصوبن سان سڀني کي خوشحالي ۽ ترقي طرف
وٺي وڃڻ چاهيون ٿا، دنيا زراعت ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي ۽ اڳتي نڪري وئي
پر اسان قيمتي وقت جو زيان ڪندا رهياسين، وزيراعظم چيو ته واپار سميت
لاڳاپيل ادارن کي شاندار ايونٽ تي مبارڪون ڏيان ٿو، پنجاب جي وزيراعليٰ
مريم نواز ۽ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته نمائش ۾ زرعي مشينري، قيمتي پٿر، دوائن ۽ ٻيا شاندار اسٽالز آهن،
اسان کي جدت، تحقيق ۽ ترقي جي طرف وڃڻو آهي، هلندڙ سال 2025ع جو
هي بهترين پروگرام آهي، جنهن ۾ واپاري ۽ اقتصادي لحاظ کان ڪامل مهارت
جو مظاهرو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چين، آفريقا، وچ ايشيا، يورپ، آمريڪا،
ترڪيه ۽ ٻين ملڪن کان آيل معززن کي ڏسي خوشي ٿي. هن چيو ته اهو ئي
موقعو آهي ته پاڪستان سمورن ملڪن کي بنا خوف ۽ خطري جي سيڙپڪاري
۽ اقتصادي سرگرمين جي آغاز جي دعوت ڏي ٿو، انجنيئرنگ، فارماسيوٽيڪل،
زرعي مشينري، سرجيڪل اوزارن، انفارميشن ٽيڪنالاجي، اسان وٽ نهايت
قابل ۽ نوجوان قيادت موجود آهي، جنهن مان فائدو کڻي اسان پنهنجي ملڪي
معيشت مستحڪم ڪري سگهون ٿا، نمائش ۾ 860 پرڏيهي نمائندن شرڪت
ڪئي، ان موقعي تي ڪيترن ئي ملڪن سان ٺهرائن ۽ معاهدن تي صحيحيون پڻ
ڪيون ويون.