اسلام آباد-19 اپريل(اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد
اسحاق ڊار هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪابل پهچي ويو آهي. پرڏيهي
کاتي جي جاري ڪيل بيان موجب ڪابل دوري جي موقعي تي ڇنڇر تي هوائي
اڏي تي افغان حڪومت جي عهديدارن نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار
جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي افغانستان ۾ پاڪستان جو هيڊ آف مشن سفير
عبيدالرحمان نظاماڻي ۽ سفارتخاني جا آفيسر پڻ موجود هئا.