اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقو آهي جنهن جي حتمي حيثيت جو تعين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪرڻو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان ريمارڪس تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ اهو واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي نام نهاد يونين ٽيريٽري ٺاهڻ جي ڪا حيثيت نه آهي. هن چيو ته ڀارت بي بنياد دعويٰ ڪرڻ بدران گذريل 77 سالن کان پنهنجي جبري قبضي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جو وڏو علائقو خالي ڪري ڇڏي. ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيل جي جاري ظلمن کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت معصوم فلسطينين جي انڌاڌنڌ قتل ۽ شهري انفراسٽرڪچر کي منظم طريقي سان تباهه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسرائيل جي لاتعداد حملن غزه جي صحت جي سارسنڀال جي نظام کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان شديد بيمار مريضن کي طبي امداد کان محروم ڪيو ويو آهي. انساني امداد جي ناڪابندي سان گڏ اهي قدم مصيبتن کي ڊيگهه ڏيڻ ۽ تڪرار کي وڌائڻ جي لاءِ ڄاڻي واڻي حڪمت عملي جي عڪاسي ڪن ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيلي قابض فوج جي جارحيت فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪري ٿو ۽ ٻه رياستي حل جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو جنهن موجب جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ قابل عمل، آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن پاڪستان جي ان مطالبي کي ورجايو ته عالمي برادري اسرائيل کي جوابده قرار ڏي ۽ فلسطيني شهرين کي وڌيڪ تشدد کان بچائڻ جي لاءِ فيصلائتا قدم کڻي.