اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سوات ۾ آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز پاران 4 خوارج جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪارروايون ڪري رهيون آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.