اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 213 ۾ ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي تي صبا ٽالپر کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته صبا ٽالپر جي ڪاميابي تڪ اين اي 213 جي عوام جو پاڪستان پيپلزپارٽي تي اعتماد جو اظهار آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته صبا ٽالپر پاڪستان پيپلزپارٽي جي نظريي موجب پنهنجي تڪ جي عوام جي اميدن تي پورو لهندي. صدر چيو ته ڪامياب اميدوار پنهنجي تڪ جي مسئلن جي حل ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪري. صدر آصف علي زرداري صبا ٽالپر تي اعتماد ڪرڻ تي تڪ اين اي 213 جي عوام جا ٿورا مڃيا.