اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افغانستان جي دوري کان اڳ هڪ اعليٰ سطحي بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب افغانستان بابت خصوصي نمائندي صادق خان، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، واپار، ريلوي ۽ گهرو معاملن وارن وفاقي سيڪريٽرين ۽ ايف بي آر ۽ پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ دوري جي سمورن رخن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو جنهن ۾ ٻطرفي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويو.