اسلام آباد-18 اپريل (اي پي پي)گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بابت وفاقي وزير محسن نقوي سان پاڪ-گلف سهڪار ڪائونسل اينٽي نارڪوٽڪس ڪانفرنس جي وفدن جي سربراهن ملاقات ڪئي. وفد ۾ گڏيل عرب امارتن جو ڊي جي اينٽي نارڪوٽڪس برگيڊئير سعيد عبدالله السويدي، قطر جو ڊي جي اينٽي نارڪوٽڪس ڪرنل رشيد ساري، سعودي عرب جو ڊي جي اينٽي نارڪوٽڪس ميجر جنرل سعد بن العجمي، عمان پوليس جو ڊي جي اينٽي نارڪوٽڪس برگيڊئير محمد صالح علي راشد، بحرين جو ڊائريڪٽر اينٽي نارڪوٽڪس ليفٽيننٽ ڪرنل محمد خالد ، ڪويت جو ڊائريڪٽر آپريشنل نصير بدر ۽ جي سي سي ، سي آءِ سي سي ڊي جو ڊائريڪٽر برگيڊيئر عيسيٰ سعيد شامل هئا. ان موقعي تي گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري، گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا ۽ ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس فورس ميجر جنرل عبدالمعيد پڻ موجود هئا. گهرو وزير پاڪ- جي سي سي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي گڏيل عرب امارتن، سعودي عرب، قطر، ڪويت، بحرين ۽ عمان جي وفدن جو شڪريو ادا ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس فورس ميجر جنرل عبدالمعيد پاڪ –جي سي سي ڪانفرنس جي سفارشن کان آگاه ڪيو. وفاقي گهرو وزير ڪامياب ڪانفرنس تي اي اين ايف پاڪستان ۽ گلف سهڪار ڪائونسل جي نمائندن کي مبارڪون ڏيندي انهن جي سهڪار جي تعريف ڪئي.سمورن نمائندن منشيات جي روڪ ٿام جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حڪومت سان مڪمل سهڪار جو عزم ڪيو. ملاقات ۾ دهشتگردي جي روڪ ٿام لاءِ هلندڙ سال جي آخر تائين پاڪ-جي سي سي ملڪن جي نارڪوٽڪس جي وزيرن جو اجلاس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. گهرو وزير جو چوڻ هو ته هلندڙ سال جي آخر تائين منشيات جي خاتمي لاءِ سي سي وزيرن سان هڪ ئي فورم تي وڏا فيصلا ڪيا ويندا. منشيات جي روڪ ٿام جي حوالي سان سفارشن جي نتيجي ۾ گڏيل سهڪار وڌيڪ مضبوط ٿيندو جڏهن ته گڏيل تجويزن جي روشني ۾ اثرائتي حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي . اسان گڏجي معاشري مان منشيات جي ناسور جو خاتمو ڪري سگهنداسين. محسن نقوي چيو ته ان ڳالهه جي خوشي آهي ته توهان پاڪستان آيا آهيو . جي سي سي جا سمورا ملڪ اسان لاءِ نهايت احترام جي لائق آهن. اسان اينٽي نارڪوٽڪس جي ادارن کي وڌيڪ موثر ۽ مضبوط بڻايو آهي ، اسان ماضي ۾ پڻ گڏيل آپريشن ڪيا آهن ۽ مستقبل ۾ پڻ سهڪار جاري رکنداسين . مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته منشيات جي خاتمي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي. سمورن نمائندن پاڪستان پاران منشيات جي روڪ ٿام جي حوالي سان قدمن جي تعريف ڪئي. ڪانفرنس ۾ نمائندن جو چوڻ هو ته ڪانفرنس منشيات جي روڪ ٿام جي حوالي سان گڏيل سهڪار وڌائڻ لاءِ اثرائتو موقعو فراهم ڪيو آهي.