غزه-18 اپريل(اي پي پي) فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ مشهور ڪانز فلم فيسٽول ۾ چونڊيل دستاويزي فلم ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ 23 سالن جي فلسطيني فوٽو جرنلسٽ فاطمه حسنه پنهنجي ڪٽنب جي 09 ڀاتين سميت اسرائيل جي هوائي حملي ۾ شهيد ٿي وئي. اسرائيلي حملي ۾ سندس گهر کي نشانو بڻايو ويو. فاطمه حسنه غزه ۾ جنگ جي تباهي ۽ انساني نقصانن کي دستاويزي تصوير ڪشي ڪندڙ فوٽو جرنلسٽ طور عالمي سطح تي شهرت حاصل ڪئي سندس فلم کي ايراني ڄائي فرانسيسي ڊائريڪٽرسپيده فارسي ”روشني“ قرار ڏنو هو. دستاويزي فلم جي ڪهاڻي حسنه ۽ سپيده فارسي وچ ۾ ٿيل ويڊيو ڳالهه ٻولهه تي مشتمل آهي جنهن ۾ هڪ نوجوان عورت جي گهري تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي جيڪا اميد سان جڙيل رهندي پنهنجي وطن تي پنهنجي جان قربان ڪري ٿي. رپورٽ موجب حسنه جو چوڻ هو ته هو ڪانز فلم فيسٽول ۾ شرڪت لاءِ پيرس ايندي جنهن کان پوءِ هوءَ واپس غزه ويندي ڇاڪاڻ ته هوءَ غزه کي ڇڏڻ نه ٿي چاهي جڏهن ته هاڻي سندس پورو خاندان ختم ٿي چڪو آهي.