بيروت _18 اپريل (اي پي پي ) لبنان جي آرمي انٽيليجنس ڊائريڪٽوريٽ ڪجهه ماڻهن جي هڪ گروپ بابت پنهنجي جاچ جاري رکي جنهن مان کين معلومات ملي ته اهي اردن جي هڪ سيل کي مدد فراهم ڪري رهيا آهن ۽ ڏکڻ لبنان ۾ اتر الليطاني وٽان اسرائيل طرف راڪٽ پڻ اڇلايو آهي . پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو آهي ته ملٽري اينٽيليجنس گذريل 24 ڪلاڪن دوران بيروت ۾ رهندڙ هڪ لبنان جي نوجوان کي گرفتار ڪيو جيڪو حماس سان سهڪار ڪري رهيو هو . ان شخص جو نالو سيڪيورٽي جي بنياد تي ظاهر ناهي ڪيو ويو . ان سان گڏ صيدا ۾ هڪ فلسطيني نوجوان کي به گرفتار ڪيو ويو آهي . کين وڌيڪ ڄاڻ ملي آهي ته هو وڌيڪ 4 فلسطينين سان راڪيٽ حملا ڪرڻ ۾ ملوث هئا. معلومات ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته لبنان پارٽي جو هڪ عهديدار انٽيليجنس ڊائريڪٽوريٽ ۽ لبنان ۾ حماس جي قيادت وچ ۾ رابطه ڪري رهيو هو.