واشنگٽن – 18 اپريل (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه ويزا درخواست ڏيندڙ سمورن ماڻهن جي سوشل ميڊيا ڇنڊڇاڻ جو حڪم ڏنو آهي جيڪي پهرين جنوري 2007 ع تائين يا ان کان پهريان غزه پٽي ۾ وڃي چڪا آهن . پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته ويزا درخواست ڏيندڙ سمورن ماڻهن جي سوشل ميڊيا ڇنڊ ڇاڻ ۾ غير سرڪاري تنظيمن ۽ اهي سمورا ماڻهو شامل هجڻ گهرجن جيڪي ڪنهن به عرصي لاءِ غزه ۾ سفارتي يا سرڪاري حيثيت سان موجود رهيا آهن . وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سوشل ميڊيا جو جائزو وٺڻ بعد نتيجو سيڪيورٽي حوالي سان توهين جوڳو معلوم ٿيو ته ” سيڪيورٽي ايڊوائيزري اوپينين “ ايس اي او جمع ڪرائڻو پوندو جنهن جو مطلب اهو ڏسڻ آهي ته ويزا جي درخواست ڏيندڙ آمريڪا جي سيڪيورٽي لاءِ خطرو ته نه بڻجندا . اهڙي ڄاڻ سمورن سفارتي ۽ قونصلر پوسٽس کي موڪلي وئي آهي . اهي قدم اهڙي وقت ۾ سامهون آيا آهن جڏهن آمريڪي صدر جي انتظاميه ڪيترائي ويزا رد ڪيا آهن جنهن ۾ قانوني طورتي رهندڙ ماڻهو به شامل آهن جيڪي آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي لاءِ نقصانڪارثابت ٿي سگهن ٿا . ان ڪيبل تي آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مارڪو روبيو جون صحيحيون ٿيل آهن جنهن مارچ ۾ چيو هو ته هو 300 کان وڌيڪ ويزا اڳ ئي رد ڪري چڪو آهي .