تل ابيب-18 اپريل (اي پي پي ) اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته اسرائيل ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي هر گز اجازت نه ڏيندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اهو اعلان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ايٽمي پروگرام جي سلسلي ۾ معاهدي جي ڪوشش ۾ آهي. نيتن ياهو جي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ان کان اڳ ڪيترائي ڀيرا اهو چئي چڪو آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي اجازت اسرائيل ڪڏهن به نه ڏيندو. هاڻي به پنهنجي ان ارادي تي قائم آهي . بيان موجب اسرائيل جي وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا اعلانيل ۽ غير اعلانيل قدم کنيا آهن ته جيئن ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان پري رکي سگهجي. انهن قدمن سبب ايران پنهنجي ايٽمي هدفن کان ڪيترا سال پري هليو ويو آهي جڏهن ته هاڻي به ايران کي روڪيو ويندو.