رياض-17 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي شاهه سلمان امدادي مرڪز غزه جي ڏکڻ پاسي گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس يجنسي” انروا “ کي هنگامي ضرورتن لاءِ گهربل طبي شيون فراهم ڪيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب انساني امداد لاءِ قائم شاهه سلمان امدادي مرڪز پاران غزه پٽي جي اسپتالن ۽ طبي مرڪزن کي گهربل بنيادي طبي شين ۽ دوائن کانسواءِ ضروري شين جي فراهمي جو به خصوصي انتظام ڪيو ويندو آهي جيڪا غزه متاثرين ۾ ورهائي ويندي آهي .